top of page

سارا (قسط 2)

مختیار آریسر

Apr 28, 2024

ھر ماڻھون کي پنهنجا پنهنجا ڏک تڪليفون ٿينديون آھن ۔

ھر ماڻھون جون سرحدون ٿينديون آھن.

جنهن اندر ھو قيد ھوندو آھي

آزادي سان ۔

تارن ڀريل آسمان جي جهرمٽ ڏي نهاريندي ..

منهنجي سوچ جو پکي ماضي جي يادن جي سمونڊ ۾ غوطا کائي ٿو۔

.......منهنجي

سارا سان پهرين ملاقات سئوٽ شھمير جي شادي ۾ ٿي ھئي۔

ھون

سارا وارا شھر ۾ ئي رھندا ھئا ۔ ڳوٺ ڪڏهن ڪڏهن خاص تهوارن تي ئي ايندا ھئا ۔


آئون پنهنجي پاڻ ۾ شرميلو آھيان ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ۔۔۔

ڪڏھن ڪنهن اجنبي ڇوڪري سان اکيون مٿي کڻي نه ڳالھايو ھو۔۔۔۔۔۔

....محبت جهڙي احساس کان پوري طرح اڻ واقف ۔۔۔

ڪنهن ٻي جي لاء به سوچبو آه۔

ان کي سوچي ھر ھر خوش ٿيبو آ۔

آئون سمجهندو ھو ته صرف اھي ڪتابي ڳالھيون آھن ۔۔

۔جنهن جو حقيقت ۾ ڪوبه وجود ناھي ۔۔۔۔

پر۔۔۔۔

منهنجي Theory غلط ثابت ٿي جڏھن منهنجي نظرن جي سرحدن ۾

سارا جو چھرو آيو۔


آئون دماغي توازن وڃائي ويٺو ھو ۔۔۔۔


سارا کي نيري رنگ جو وڳو پاتل ھو ۔۔۔

ھلڪي گلابي لپسٽڪ وار کليل ۔۔۔۔۔

اکين تي گول مٽول چشمون ۔۔۔

چائينيز بيهڪ جهڙو چھرو

ڪجھ وقت ۔۔۔۔۔

لاء ته مون کي ائين لڳڻ لڳو ڄڻ چائينه کان ڀلجي آئي هجي ۔۔۔

ھو پنهنجي سھلين ساڻ ۔۔۔۔

ڳالھ ٻولھ ۾ مشغول ھئي۔

جڏھن ته منهنجي سماعتن جي بيهڪ سارا

جو چھرو ئي ھو ۔۔۔۔

گهڻي پيھ ھئڻ ڪري

آئون سارا کي ٻيھر نه ڏسي سگهيس ۔۔۔۔

گهڻا بهانا ٺاھيا ته ھن چائينيز شڪل جھڙي پري جو ڪنهن کان معلوم ڪجي ۔۔۔

دل ئي دل ۾ ڪئي ويچار ونڊي رھيو ھو

ته پڇجي ته آخر پڇجي ڪنهن کان هن اجنبي بلڪي منهنجي لاء اجنبي ئي ھئي اھيا دوشيزه اڃا تائين۔۔۔۔

مهمانن جي گهڻي پيھ ھئڻ ڪري۔

آئون وري نه ڳولهي سگهيس انهي مشرقي چھري جهڙي ڇوڪري کي ۔۔۔۔۔۔۔

bottom of page